پراجيڪٽ بابت

سنڌي ٻوليءَ کي ليپٽاپ، ڊيڪسٽاپ يا موبائل تي لِکڻ لاءِ استعمال ڪندڙن (يوزرس) کي سنڌي ٻوليءَ جو ڪيبورڊ سافٽويئر يا اُن ڪيبورڊ جي اينڊرائيڊ ايپليڪيشن انسٽال ڪرڻي پوي ٿِي، جيئن تہ  نَوان يوزر (جن اڳ ۾ ڪڏھن بہ ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ استعمال نہ ڪيو آھي) اُنھن کي لکڻ ۾ ٿوري ڏکيائي پيش ايندي رھندي آھي، جنھن جو وڏو سبب اھو آھي تہ سنڌي ٻوليءَ جا 52 اکر انگريزي QWERTY ڪيبورڊ جي مختلف بٽڻن (keys) تي رکيل آھن، جيڪي نئين يوزر کي ڳولهڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿِي. ان لاءِ ھڪ اھڙي ڪيبورڊ جي ضرورت ھُئي، جنھن ۾ سڀ اکر اکين اڳيان ظاھر ھُجن تہ جيئن يوزر کي لکڻ ۾ آساني پيدا ٿئي ۽ غلطيءَ جي گنجائش بہ گهٽ رھي.

سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جي  رھنمائيءَ سان سنڌي انفرميٽڪس شعبي پاران اُن ضرورت کي نظر ۾ رکندي ھيءُ ويب-ڪيبورڊ ٺاھيو ويو آھي، جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاھ اکرن سان گڏ ٻيا بہ وِسرَڳ اکر شامل ڪيا ويا آھن تہ جيئن يوزر کي وِسرڳ ۽ اَوِسرڳ جِي پَرک پڻ پوي ۽ اکرن کي لکڻ ۾ آساني بہ ٿئي.

ھِن ويب ڪيبورڊ ۾، وڏَن سُرن وارا (وِسرَڳ) اکر ”ڻه، نه، مه، ڙه “ QWERTY ڪيبورڊ جي اَلٽر (Alt) بٽڻ کي فعال ڪرڻ کان پوءِ m, n, r, l دٻائڻ تي ئي ظاھر ٿين ٿا، جڏھن تہ ”جه، گه، له“  شِفٽ دٻائڻ کان پوءِ مطلوبہ بٽڻ (جھڙوڪہ  L, G, J) دٻائڻ تي ظاھر ٿين ٿا.

ھِن ڪيبورڊ ۾ لکڻ کان علاوہ ٻيا بہ اھم فيچر شامل ويا آھن جيڪي ھيٺ ڏِجن ٿا.

ھِن ويب-ڪيبورڊ ۾ ٻيا فيچر شامل ڪري ھن کي اپڊيٽ پڻ رکيو ويندو. اميد تہ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سنڌي انفرميٽڪس (آءِ ٽي) شعبي پاران تيار ڪيل ھن ڪي بورڊ مان اوھان وڌ کان وڌ لاڀ حاصل ڪري سگهندا.

 

اوھان جي رايَن جِي منتظر
انيس ڪاڪا
(انچارج، سنڌي انفرميٽڪس شعبو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)