پراجيڪٽ بابت

ايپل ڪمپنيءَ جي ”ميڪ آپريٽنگ سسٽم“ جي تازن نُسخَن (versions) ۾ تہ سنڌي ٻوليءَ جي ڪيبورڊ کي شامل ڪيو ويو آھي، پر جَن وٽ پراڻو آپريٽنگ سسٽم انسٽال ٿيل آھي اُنھن کي سنڌي ٻوليءَ جو ڪيبورڊ الڳ سان انسٽال ڪرڻو پوي ٿو. ان ضرورت کي نظر ۾ رکندي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سنڌي انفرميٽڪس (آءِ ٽي) شعبي پاران، ”سنڌي ڪيبورڊ“ ٺاھيو ويو آھي. جنھن ۾ ڳَرن آوازن (وسرَڳ) وارا اکر الڳ ڄاٻين تي رکيا ويا آھن ۽ ھِن ڪيبورڊ ۾ وِسرَڳ ۽ اَوِسرَڳ ”ھ“ کي جُدا ڄاٻين تي رکيو ويو آھي.

”ميڪ آپريٽنگ سسٽم“ ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال (install) ڪرڻ لاءِ سڀ کان پھرين ھيٺ ڏنل آئيڪان تان فائل ڊائونلوڊ ڪريو.

ڊائونلوڊ ٿيل فائل کي ڊَبل ڪِلڪ ڪري کوليندؤ تہ تہ اُن ۾ ٻہ فائل توھان کي نظر ايندا، ھڪ ڪيبورڊ جو لي-آئوٽ فائل ۽ ٻيو ڪيبورڊ انسٽالر... توھان پھرين ڪيبورڊ انسٽالر واري فائل کوليو ۽ پوءِ ”ڪيبورڊ لي آئوٽ“ واري فائل کي ڇِڪي (drags) ”انسٽالر“ واري ”پاپ-اپ“ ۾ وِجهو.

ھڪ دفعو سسٽم کي ري-اسٽارٽ ڪرڻ کان پوءِ توھان جي سسٽم ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو ٺاھيل ڪيبورڊ شامل ٿي چُڪو ھوندو.