ونڊوز ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ڪرڻ جو طريقو

جيئن تہ مائڪروسافٽ ڪمپني وارن ونڊوز 10 کان ھيٺئين ورزن جِي سپورٽ ختم ڪري ڇڏي آھي ۽ اڪثر ماڻهو ونڊوز 10 ئي استعمال ڪري رھيا آھن جيڪا آسان ۽ وائرس کان پاڪ آھي. ان ڪري سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ونڊوز لاءِ ڪيبورڊ ٺاھيو ويو آھي، جنھن ۾ اَوِسرَڳ اکرن سان گڏوگڏ وِسرَڳ اکر پڻ شامل ڪيا ويا آھن. جنھن جو مُڪمل ڏيکَ ھيٺ ڏِجي ٿو.

اچو تہ ونڊوز 10 ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ڪرڻ سِکون

سڀ کان پھرين ھيٺئين ڳنڍڻي تان ڪيبورڊ جو فائل ڊائونلوڊ ڪريو.

ڊائونلوڊ ڪريو


ھاڻ ڊائونلوڊ ڪيل زِپ فائل کي ايڪسٽريڪٽ ڪريو

ايڪسٽريڪٽ ڪَيل فائلن مان setup تي ٻہ دفعا تڪڙو ٽڙڪ (double click) ڪريو

ونڊوز ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿِي چُڪو آھي، ھاڻ اُن جي لي-آئوٽ سيٽنگ ھيٺئين طريقي سان ڪريو.

  1. سيٽنگ ۾ وڃو
  2. اُتان Time & Languages جي آپشن ۾ وڃو
  3. نئين کُلندڙ ونڊو مان Language واري آپشن تي ٽڙڪ ڪريو
  4. ھاڻ Add Language جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو ۽ نئين کُلندڙ ونڊو جي ڳولا واري خاني ۾ sindhi لکي ڳولا ڪريو.
  5. ھاڻ کُلندڙ ونڊو مان install جي بٽڻ تي ٽڙڪ ڪريو..

توھان ڏِسندا تہ ونڊوز ۾ سنڌي ٻولي اچي وئي آھي، جنھن تي توھان ٽڙڪ ڪريو

  1. ھاڻ توھان نئين کُلندڙ ونڊو مان Add a Keyboard جي بٽڻ تي ٽڙڪ ڪريو ۽ اُتان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ٺاھيل ڪيبورڊ لي-آئوٽ کي چونڊيو.
  2. ھاڻ پاڻمرادو آيل Urdu جي لي-آئوٽ کي remove ڪريو.

توھان وٽ ونڊوز ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿِي چُڪو ھوندو، جيڪڏھن اڃا بہ نہ ٿيو ھُجي تہ پنھنجي ڪمپيوٽر کي ھڪ دفعو ٻيھر چالُو (restart) ڪريو.